عبدالله مخدوم

عبدالله، مخدوم: هالا پراڻا جي ڀٽي بزرگن جو وڏو مخدوم عبدالله تيرهين صدي عيسوي جو بزرگ ٿي گذريو آهي. سندس اصل نالو ارجن هو ۽ جيسلمير جو راجا هو، ان وقت به حضرت غوث بهاءُالدين زڪريا ملتان مان اسلام جي پرچار لاءِ جيلسمير ويندو هو. غير مذهب ماڻهن حضرت غوث رح جي ديني پرچار روڪڻ لاءِ، راجا جا ڪن ڀريا ته هن بزرگ جي هتي اچڻ سبب برسات نه ٿي پوي. ان ڪري راجا بزرگ کي جيسلمير اچڻ کان منع ڪئي. پر غوث رح منع باوجود تبليغ جو ڪم جاري رکيو ۽ جيلسمير ويندو رهيو. حضرت غوث رح راجا کي چورائي موڪليو ته تنهنجو وهم اجايو آهي، جڏهن الله تعاليٰ چاهيندو ته برسات ٿيندي. پوءِ حضرت غوث جيئن جيسلمير جي حدن ۾ داخل ٿيو ته راجا ارجن کيس روڪڻ لاءِ پاڻ لشڪر سان هلي آيو. جڏهن حضرت غوث جي ويجهو پهتو ته زوردار برسات وسڻ لڳي، جنهن سبب سندس وهم دور ٿي ويو. راجا ارجن ان بعد حضرت غوث جو مريد ٿيو ۽ راجائي تان هٿ کڻي دين اسلام جي دائري ۾ داخل ٿيو. سندس نالو عبدالله رکيو ويو، جنهن بعد ڪيتري ئي عرصي تائين ملتان ۾ رهي اسلام جي تعليم حاصل ڪيائين ۽ سهروردي طريقي ۾ بيعت ڪيائين. مخدوم عبدالله ديني تعليم ۽ مطالعي مان فارغ ٿيڻ بعد تبليغ جي سلسلي ۾ ڀاڻوٺ کان اتر- اولهه طرف ڪجهه فاصلي تي رهائش اختيار ڪئي. جڏهن فوت ٿيو ته بزرگ کي اتي ئي دفن ڪيو ويو. سندس مزار تي ڪو به مقبرو ڪونهي ۽ نه وري مجاور آهي. مقام پراڻو ۽ ڪشادو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو